اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ڪرمان دهشتگرد حملي تي ايران جي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? ان وحشياڻي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ان جي عوام ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ايراني عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن سوڳوار خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿو ??ن حملن ۾ پنهنجي پيارن کي وڃايو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جل?? صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.