اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان هلندڙ سال دوران پنهنجي ويجهي حصيدارن ۽ دوستن سان ??ضب??ط رابطن جي پاليسي جاري رکي، پاڪستان چين، ترڪيه، سعودي عرب ۽ وسيع تر اسلامي دنيا سان پنهنجي روايتي حصيداري کي ??ضب??ط ڪيو، اهي لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ دوستي تي ٻڌل آهن ۽ ??ضب??ط ڳالهه ٻولهه ۽ ٻطرفن دورن جي مٽاسٽا جي روايت جي خصوصيت رکن ٿا. پريس بريفنگ ۾ هن ??يو ته سال 2024ع پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ روايتي گرمجوشي ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جو عڪاس رهيو، وزيراعظم محمد شهباز شريف جون ۾ چين جو سرڪاري دورو ڪيو جڏهن ته چين جي وزيراعظم لي ڪيان آڪٽوبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. هن ??يو ته پاڪستان ۽ چين مئي 2024ع ۾ بيجنگ ۾ پاڪ چين پرڏيهي وزيرن جو پنجون اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ پڻ منعقد ڪيو، انهن اعليٰ سطحي دورن ۽ مٽاسٽا جي دوران ٻنهي ملڪن پاڪ چين آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ ??ضب??ط ۽ وڌائڻ ۽ سي پيڪ تي خاص ڌيان سان گڏ اسٽريٽجڪ شعبن ۾ عملي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي وسيع اتفاق راءِ طئي ٿيو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ جي سي سي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي ??ضب??ط مٽاسٽا ٿي، وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جا چار سرڪاري دورا ڪيا جنهن سان اسان جي اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري وڌيڪ مستحڪم ٿي، سعودي عرب سان س??اسي، سيڪيورٽي ۽ اقتصادي شعبن ۾ اهم مفاهمتون طئي ٿيون جنهن ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ شهزاده محمد بن س??مان جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ 5 ??رب ڊالر جي سيڙپڪاري پئڪيج جي ڪمٽمينٽ کي تيز ڪرڻ شامل آهي. هن ??يو ته واپار ۽ سيڙپڪاري جا ??وق??ا به ڪويت، قطر ۽ گڏيل عرب امارات سان اسان جي ٻطرفي مصروفيتن جو هڪ اهم مرڪز رهيا آهن. ترجمان چيو ته انهن ملڪن سان توانائي، کاڻين جي کوٽائي ۽ هوابازي جي شعبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي.