اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سرڪاري آفيسرن پاران عوامي شڪايتن کي وقت سر حل نه ڪرڻ تي سخت نوٽيس ورتو آه?? ۽ غيرسنجيده ۽ موثر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ سرڪاري آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي و??ي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب پنجاب جي چيف سيڪريٽري جي ماتحت 1586 آفيسرن جي ڊيش بورڊ جي ڇنڊڇاڻ مڪمل ڪري ورتي آه?? ۽ وزيراعظم پرفارمنس ڊيليوري يونٽ جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي و??ي آهي. رپورٽ موجب 263 آفيسرن کي ڪارڪردگي جي بنياد تي وارننگ، 7 سرڪاري آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آه??. وزيراعظم آفيس پاران 833 آفيسرن کي محتاط رهڻ جي ??دا??ت ڪئي و??ي آهي جڏهن ته 111 آفيسرن کان وضاحت طلب ڪئي و??ي آهي. وزيراعظم آفيس 403 سرڪاري آفيسرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. رپوٽ موجب اطلاعات، زراعت، ايڪسائيز ۽ آبپاشي سيڪريٽري کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جو خط جاري ڪيو ويو آه??. واضح رهي ته وزيراعظم ڪابينا اجلاس دوران سرڪاري آفيسرن جي ناقص ڪارڪردگي جو نوٽيس ورتو هو.