ڪوئٽا -05 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آ??ي، ته 5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آ??ي، جنهن ڏينهن هندو انتهاپسند پارٽي بي جي پي ڀارتي آئين ??ي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي ??تم ڪندي ڪشمير جي خاص حيثيت جو خاتمو ڪيو. هن يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي ڀارتي ظلمن جو نه رڪجندڙ سلسلو جاري آ??ي، جنهن ۾ لکين ??يگناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو. ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت کي ??تم ڪندي ڪشميرين ??ون زمينون کسي اتي انتهاپسند هندن کي آباد ڪيو پيو وڃي، مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ڪشميرين ??ي زندگين کي ڏکيو بڻايو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته عالمي برادري کي ڀارتي رياستي ادارن جي ظلم ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ڪشميرين کي سندن خودمختياري وارو حق ڏنو ڃي. وڏي وزير پاڪستانين کي اپيل ڪئي ته هو يوم استحصال ڪشمير تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪن ۽ مظلوم ڪشميري ڀائرن جو آواز بڻجن.