اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) وزيراعظم جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ واري پروگرام تحت اسلام آباد جي آفيس ۾ هڪ جديد ڊي ڪيئر سي??ٽر قائم ڪي?? آهي. اداري جي جنرل مئنيجر (ايڇ آر) انجنيئر سهيل ممتاز باجوا ۽ جنرل مئنيجر پروجيڪٽ ڊ??يوري (اتر) انجنيئر شاهد نذير زيرو پوائنٽ جي ويجهو سيڪٽر جي سيون ون ۾ قائم آفيس ۾ ڊي ڪيئر سي??ٽر جو افتتاح ڪي??، ڊي ڪيئر سي??ٽر قائم ڪرڻ جو مقصد آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورت آفيسرن ۽ عملي جي سهولت مهيا ڪرڻ آهي، اداري جي جنرل مئنيجر سي??ٽر ۾ موجود راندين جي ڪمري، نرسري ۽ باورچي خاني جو دورو ڪي?? ۽ اعليٰ معيار جي سهولتن جي ساراهه ڪئي. اهو منصوبو اين ٽي ڊي سي ۾ ٽيون اضافو آهي، ان کان اڳ شاهين ڪمپليڪس ۽ لاهور ۾ ٽي اي?? جي ٽريننگ سي??ٽر اڳ ۾ ئي قائم آهن، جڏهن ته ملتان، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ آفيسرن لاءِ وڌيڪ ڊي ڪيئر سي??ٽر پڻ قائم ڪيا ويا آهن. توانائي واري وزارت (پاور ڊويزن) جي هدايتن جي تعميل ۾ هيڊ آفي?? جي سطح تي هڪ ڪراس فنڪشنل ٽيم جوڙي وئي آهي، جيڪا ??ورتن جي ملازمن لاءِ ڊي ڪيئر سينٽرز ۽ سهولتن جي قيام جي معاملن جي نگراني ڪندي. ان موقعي تي اين ٽي ڊي سي ڊي ڪيئر سينٽرز جو فوڪل پرسن ۽ ٻيا سينيئر آفيسر ۽ بيو عملو موجود هو.