اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪند?? وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايڪسپورٽرز جي رهتن جي ??دا??يگي جي حوالي سان ان ڳالهه کي يق??ني بڻايو وڃي ته ان ڏس ۾ ڪاروباري برادري کي ڪنهن ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي. وزيراعظم چيو ته معيشت جي بهتري لاءِ ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو اهميت رکندڙ آهي، ان ڏس ۾ ايڪسپورٽرز کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ ۽ ان کي درپيش مسئلا ختم ڪرڻ حڪومت جي اولين ت??جيحن ۾ شامل آهي.