اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ع??لم?? برادري ڪشميرين کي انهن جو بنيادي حق ??يا??ڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، مودي جي فا??سٽ حڪومت ڪشميرين کي انهن جي پيدائشي ۽ گڏيل قومن جي مڃيل ريفرنڊم جي حق کان طاقت جي زور تي محروم ڪري رکيو آهي، ڪشميري ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ سازشن جي خلاف جدوجهد ڪري رهيا آهن. اي پي پي کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ هن چيو ته ڀارت پاران ڪشمير ۾ غيرانساني سلوڪ ان ڳالهه جو گهرجائو ??هي ته ع??لم?? برادري هاڻي خرگوش جي خواب مان بيدار ٿئي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن ڪشمير جي تاريخ ۾ هڪ ٻيو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڪشميرين جي خاص حيثيت جو خاتمو ڪيو. معصوم ڪشميرين جو ف??جي گهيراءُ، تشدد، بدترين ڪرفيو ۽ ماڻهن جي قتل سان ڪشميرين جون زندگيون بدترين صورتحال ۾ ورتل آهن. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.