ڪراچي – 31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي 5 آگسٽ کي اس??حصال جي ڏهاڙي طور ملهائيندي، ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ جي خلاف ڪراچي کان سکر تائين ٽرين مارچ ٿيندو. پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊر ??لي?? عادل شيخ اس??حصال جي ڏهاڙي جي حوالي سان وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته 5 آگسٽ تي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ کي هڪ سال مڪمل ٿي ويندو، هڪ سال اڳ مودي سرڪار ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪيو هو. هن چيو ته 5 آگسٽ تي وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اس??حصال جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ??يو آهي. ??لي?? عادل شيخ چيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي لاءِ ريليون ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪراچي کان سکر تائين ٽرين مارچ ڪندي. ٽرين مارچ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وڃي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندو. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ چيو ته پاڪستان جو هر شهري ڪشميري عوام سان ??ڏ بيٺل آهي ۽ مودي پاران ??شمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ جي خلاف سخت احتجاج ڪنداسين.