اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو ??هي ته ڪووڊ 19 جي وبا جي ڪري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي صنعت ۽ ڪاروبار متاثر ٿيو ??هي پر اسان وبا جي دوران سپلائي چي?? کي بحال رک??و ته جيئن مارڪيٽ ۾ ڪنهن قسم جي کوٽ نه ٿئي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي حماد اظهر چ??و ته حڪومب وبا جي دوران ڪاروبار، صنعت ۽ تعميرات جي شعب?? کي بروقت کوليو ۽ ڪاروباري شعبي کي رليف ڏنو ويو جنهن تحٽ 30 کان 35 لک ايس ايم ايز جي بجلي ج ابل معاف ڪيا ويا جنهن سان ملڪ جا اڪثر ڪاروبار مستفيد ٿيا آهن، هلندڙ مالي سال لاءِ ??ڪومت نه رڳو ٽيڪس فري بجيٽ ڏنو ??هي پر پهرين کان موجود ٽيڪسن جي شرح کي به گهٽ ڪيو ويو آهي، هزارين مصنوعات تي ڪسٽم ڊيوٽيز ختم ۽ سيلز ٽيڪس سميت ٻين ٽيڪسز ۾ به مراعتون ڏنيون ويون آهن، وفاقي حڪومت تعميرات جي شعبي لاءِ پيڪيج متعارف ڪرايو ??هي جنهن سان نه رڳو تعميرات جو شعبو پر ذيلي صنعتن ۾ به بهتري ٿي ??هي ۽ مون سون کانپوءِ ??ن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، هن چ??و ته حڪومت گذريل ٻن سالن جي دوران ٻه نيون پاليسيون متعارف ڪرايون آهن جنهن ۾ اليڪٽرڪ وهيڪلز ۽ موبائيل مينوفيڪچرنگ جون پاليسيون شامل آهن.