اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي برآمدات وڌائڻ جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ پ??عزم آهي، ان سلسلي ۾ روانگي واپار ڪندڙن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جولاءِ ۾ سر پلس ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ روانگي واپار ۾ مسلسل واڌ ان ڳالهه جي ع??اس آهي ته پاڪستان جي ??عي??ت درست رخ ۾ گامزن آهي. اهن اهڙن خيالن جو اظهار مختلف شعبن سميت پولٽري، چانور، فارماسيوٽيڪل ۽ ٽيڪسٽائيل جي وڏن روانگي واپار ڪندڙن جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم خدمتن جي شعبي ۾ روانگي واپار بابت ملڪي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زورڏنو، هن ملڪي ??عي??ت ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ روانگي واپار جي ڪردار جي اهميت کي اجاگر ڪيو.