حافظ آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جيترا مرضي جلسا ڪري جيستائين ڦريل پئسو واپس نه ڪندا انهن کي نه ڇڏيندس، اهي پنهن??ي چوري بچائڻ جي لاءِ ڀارت جي زبان ڳالهائي رهيا آهن. حافظ آباد ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا جي ڪري سڄي دنيا کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته حڪومت جي دانشمنداڻي قدمن جي ڪري ملڪ مشڪل وقت مان نڪري ويو آهي. ملڪ ۾ تيزي سان مثبت ??بديلي اچي رهي آهي. پاڙيسري ملڪن ۾ ڪورونا سان وڌيڪ تباهي ٿي جڏهن ته پاڪستان ۾ موثر قدمن جي ڪري ڪامي??بي سان ڪورونا جو مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ملي.