برازيليه – 11 ڊسمبر (اي پي پي) برازيل ۾ لينڊ ليس ورڪرز موومينٽ جي عارضي ڪيمپ ۾ باهه لڳڻ جي واقعي سبب 9 ماڻهو فوت ٿي ويا. چيني خابرو اداري فائر فائيٽرز جي حوالي سان ٻڌايو ته برازيل ??ي اترين رياست پارا جي مي??نس??لٽي جي شهر پيرا واپيباس جي لينڊ اينڊ لبرٽي ڪيمپ ۾ باهه لڳڻ سبب 9 ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا. مقامي ميڊيا موجب هڪ انٽرنيٽ ڪ مپني جي فني ماهرن جيڪي نيٽ ورڪ تي ڪم ڪري رهيا هئا، غلطي سان انٽرنيٽ ڪيبل کي هاءِ وولٽيج ڪ??بل سان جوڙي ڇڏيو ??نه?? سبب باهه لڳڻ جو واقعو پيش آيو. واقعي ۾ ٽي ڪارڪن ۽ ڇهه ڪيمپ جا رهواسي اجل جو شڪار ٿي ويا.