اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڏهاڪن کان قو?? تي مڙهيل رهندڙ پنهنجي ٽئين نسل جو سياسي مستقبل اونداهون ڏسي رهيا آهن، اڄ جڏهن مخالف ڌر جون سياسي پارٽيون سڀ گڏ حڪومت کان ٻاهر ٿيون آهن ته سڀ هڪ ٿي چونڊيل حڪومت خ??اف سازش ڪري رهيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خصوصي معاون چيو ته غريب عوام جي لاءِ نه پر فضل الرحمان جو حڪومت سان جهيڙو اسد محمود، زرداري جو جهيڙو ب??او??، نواز جو جهيڙو مريم، شهباز شريف جو جهيڙو حمزه شهباز ۽ اسفنديار ولي جو جهيڙو ايمل ولي جي لاءِ آهي.