اسلام آبا?? – 19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿيليسيميا جي مرض جي وقت سر سڃاڻپ احتياطي تدبيرن ۽ علاج تي زور ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا ۽ مسجدن جي ذريعي معاشري ۾ آگاهي پيدا ڪري ان مرض کي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي ٿو، ٿيليسيميا جي روڪٿام لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻا پوندا، صحت ج?? شعبي کي وزيراعظم جي ترجيحن ۾ اولين حيثيت حاصل آهي، صحت ج?? بجيٽ کي وڌايو ويو آهي، پاڪستان کي سرسبز ۽ صاف بڻائڻ لاءِ هر شخص کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپندي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ 14 هين ??يش??ل ٿيليسيميا ڪانفرنس اينڊ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو.