اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي و??ير اسد عمر چيو آهي ته حڪومت جي موثر قدمن ۽ عوام پاران احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جا بهتر نتيجا اچي رهيا آهن، اڃان خطرو ٽريو نه آهي جيڪڏهن حفاظتي قدمن ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل نه ڪيو ويو ته صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي، 30 جون تائين ڪورونا وائرس جا ڪيس 2 لک 25 هزار تائين جي لڳ ڀڳ رهڻ جو امڪ??ن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اين سي او سي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.