اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مشاورت جاري آهي، شوگر انڪوائري ڪميشن جي ر??ورٽ جي تناظر ۾ بي ضابطگين ۾ ملوث شوگر ملز خلاف ڪارروائي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته حڪومت شوگر ڪميشن جي انڪوائري ر??ورٽ کان پوءِ وڌيڪ قدم کڻي ر??ي آهي، عوام کي ان کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته جڏهن 2009ع ۾ کنڊ جو ??حر??ن پيدا ٿيو ته چٽاڀيٽي ڪميشن ڪ??رٽ??ائيزيشن جي نشاندهي ڪئي ۽ ان ۾ ملوث شوگر ملز تي ڏنڊ وڌا. ان وقت شوگر ملز ايسوسيئيشن ۽ ٻين ملن ان تي اسٽي ورتو، اهو اسٽي اڃان تائين برقرار آهي، ان وقت جي حڪومتن ان اسٽي آرڊر کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوشش نه ڪئي، اهو ئي ماضيءَ جي حڪومت ۽ موجوده حڪومت جي سوچ جو فرق آهي. موجوده حڪومت جي دور ۾ جڏهن کنڊ جو ??حر??ن پيدا ٿيو ته وزيراعظم عمران خان فوري طور تي انڪوائري ڪميشن جوڙي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان شفاف،، آزاداڻي انڪوائري ڪرائي ۽ واعدي موجب انڪوائري ر??ورٽ عوام آڏو آندي. ماضيءَ ۾ ڪنهن ڪميشن جي ر??ورٽ پبلڪ نه ڪئي وئ?? هئي. عزير بلوچ جي جي آءِ ٽي ر??ورٽ عدالت جي حڪم تي سامهون آندي وئي.