اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسرائيل کي ڪنهن به صورت ۾ تسليم نٿا ڪري سگهون، مون کي ان ڳالهه جي ??مير اجازت نه ڏيندو جيڪڏهن اسرائيل کي تسليم ڪيوسين ته پوءِ ڪشمير معاملي تي مودي جي ??ه ڳالهه مڃڻي پوندي، ڪراچي ۾ بنڊل آئي لينڊ تي نئون شهر اڏي رهيا آهيون، ڪراچي جي ??والي سان گهڻو ڪجهه ڪنداسين، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس به ڪيو آهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبا خودمختيار آهن، وڏن شهرن کي ميٽرو پوليٽن سٽي ٺاهي اختيار ڏيڻا پوندا، سعودي عرب سان لاڳاپا جيئين جو تئين ??وجود آهي، سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو آهي، پنجاب مان کنڊ کڻي سنڌ ۾ گڏ ڪئي پئي وڃي ڇو ته اتي اسان جي ??ڪومت نه آهي، جهانگير ترين جو فيصلو ادارا ڪندا، هن منهنجو 8 سال سڀ کان وڌيڪ ساٿ ڏنو پر کنڊ بحران ۾ سندس نالو اچڻ تي مون کي ڏک پهتو، حڪومت جا ٻه سال منهنجي ??دوجهد جا سڀ کان مشڪل سال آهن، مخالف ڌر اين آر او وٺڻ لاءِ مون تي تنقيد ڪري ٿي، مخالف ڌر چاهي ٿي ته نيب کي ختم ڪيو وڃي، مريم نواز پيشي تي اچي ٿي ته پٿر هنيا وڃن ٿا، گهڻا پاڻ کي نيسلن منڊيلا سمجهن ٿا، اسان اميراڻي ڪلچر جو خاتمو ڪيو آهي، عثمان بوزدار تي شراب جي لائسنس جو ڪيس ٺاهڻ کل جوڳي ڳالهه آهي، هر هنڌ مافيائون ويٺل آهن، انهن سان مقابلو ڪرڻ منهنجو مشن آهي ڇا به ٿي پوي انهن کي نه ڇڏيندس، شوگر مل ايسوسيئشن وارن واجد ضياءُ ۽ ايف آءِ اي کي ڌمڪي ڏني، اسان ايف آءِ اي کي مضبوط ڪري رهيا آهيون، ڪورونا مان بچي نڪرڻ تي به بل گيٽس به پ??ي رهيو آهي ته اسان اهو ڪيئن ڪيو هو ان حوالي سان تحقيق ڪرڻ چاهي ٿو، هڪ نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته منهنجي ??ڄي زندگي جدوجهد ۾ گذري آهي، آئون جڏهن 9 سالن جو هئس ته مون ٽيسٽ ڪرڪيٽر بڻجڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي، منهنجي ??ڄي سياست وڏي جدوجهد مان گذري آهي، ڇو ته مون کي پاڪستان جي ??ياست جي ??اري ۾ پتو نه هو ڇو جو آئون ٻاهران آيو هئس ۽ هتي ٻه پارٽي نظام هلندڙ هو، هن چيو ته مسلسل جدوجهد جي ڪري مون کي لاهن چاڙهن کان خوف ناهي ٿيندو جنهن جي ڪري آئون هر چئلينج جو مقابلو ڪري ويندو آهي، وزيراعظم چيو ته اصغر خان ۽ اي ڪيو خان وڏا ماڻهو هئا انهن پارٽيون ٺاهيون پر لاهن چاڙهن جي ڪري اهي اڳتي وڌي نه سگهيا، هن چيو ته منهنجي ٻن سالن جي ??ڪومت جو دور سڀ کان مشڪل جدوجهد آهي، وزيراعظم چيو ته اسان جڏهن اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ ان وقت ڪيترن ئي خسارن ۾ ورتل هو، ڏيوالو نڪرڻ تي هو، ٻاهرين ??رضن کي ڏيڻ لاءِ پئ??ا نه هئا، هڪ هنڌ تباهي نه هئي جو آئون اتي ڌيان ڏيان ها، هتي ته هر طرف تباهي هئي، مون کي پي آءِ اي، توانائي جي ??عبي ٻين شعبن جو پتو هو، ان لاءِ اسان ڪوششون ورتيون هر ادارو تباهه هو مون کي پهرين ??لڪ جو رخ تبديل ڪرڻو هو ۽ ملڪ کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ واري رستي تي وجهي ڇڏيو آهي ۽ اها فلاحي رياست مديني جي ??ياست آهي، هن چيو ته هاڻي اسان ٻارن کي مديني جي ??ياست ۽ نبي صه جي ??ندگي بابت تعليمي نصاب ۾ پڙهائينداسين، هن چيو ته اڳ ۾ بادشاهت هوندي هئي جنهن ۾ رڳو وڏن ماڻهن جا ٻار تعليم پرائيندا هئا پوءِ جمهوريت آئي ته پئ??ا هيٺ منتقل ٿيڻ شروع ٿيا، پر مديني جي ??ياست ۾ زڪوات جو نظام شروع ٿيو جنهن ۾ اميرن کان پئ???? وٺي غريبن کي ڏيڻ شروع ٿيا هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي ملڪ کي فلاحي رياست بڻائڻو آهي ته پوءِ اسان کي علامه اقبال جي ماڊل طرف وڃڻو پوندو، هن چيو ته هتي امير ٽيڪس نٿا ڏين، شگر ڪارٽيل سميت ڪيتريون ئي مافيائون آهن، هن چيو ته اسان احساس پروگرام آندو ۽ ان حوالي سان چين ??ان گهڻو پرايو جو هن 70 ڪروڙ ماڻهن کي غريب جي لڪير کان ٻاهر آندو.