اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي سان قطر ايئر فورس جي ڪمانڊر ميجر جنرل (پائلٽ) سالم حمد النابت ??لا??ات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ??لا??ات ۾ چيف آف دي ايئر اسٽاف، ايئر مارشل مجاهد انور خان ۽ پاڪستان ۾ قطر جو سفير سعود عبدالرحمان الثاني به موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ به??رين لاڳاپا آهن، هن چيو ته پاڪستان قطر سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ استحڪام ۽ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ دفاعي ۽ فوجي تربيت جي شعبن ۾ تعاون جي ڪافي صلاحيت آهي، قطر کي پاڪستان جي دفاعي مهارت ۽ تربيتي سه??لتن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.