اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغان صدر ??شر?? غني جي دعوت تي ڪابل جو هڪ ڏينهن جو د??رو ڪيو، آگسٽ 2018ع ۾ وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سندس افغانستان جو اهو پهريون د??رو آهي، وزيراعظم عمران خان افغان صدر ??شر?? غني سان گذريل ٻن سالن جي دوران پاڪستان ۽ افغانستان جي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل مقصدن جي فروغ ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي ??اء?? ڪوششن جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پڌرنامي موجب وزيراعظم ??ڪ پرامن، مستحڪم، متحده جمهوري، خودمختيار ۽ خوشحال افغانستان جي ??اء?? پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو، هن پنهنجي ان پراڻي موقف کي به ورجايو ته افغانستان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي ??اء?? ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، وزيراعظم عمران خان افغان عوام جي تحفظ ??اء?? جنگ بندي ۽ تشدد ۾ گهٽتائي ??اء?? سمورين ڌرين تي ضروري قدم کڻڻ تي زور ڏنو، وسيع البنياد ۽ جامع سياسي حل جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم چيو ته امن عمل ۾ افغان عوام جي فيصلن جو احترام ڪري، هن انهن عنصرن کي به خبردار ڪيو جيڪي امن ڪوششن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.