اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??ي صدارت ۾ گورننس ايڪشن ميٽرڪس جي حوالي سان ??عليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي آفيسرن ش??ڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي انتظامي معاملن جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان ??فصيلي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته عوام جي رليف، ??ڪايتن جي داخلا کان وٺي حل، کليل ڪچهرين منعقد ڪرڻ، مال کاتي بابت مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل، ون ونڊو آپريشن جو قيام، سرڪاري آفيسن ۾ عوام جي سهولتڪاري ۽ مقامي سطح تي عوام کي ر??يف فراهم ڪرڻ لاءِ قدمن جو عملي طور تي نفاذ ٿي چڪو آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ گورننس جي بهتري کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڏي پ??ماني تي قدمن تي عملدرآمد جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ان ۾ تيزي آندي پ??ي وڃي، وزيراعظم کي خيبرپختونخوا ۾ به شڪايتن جي وقت سر ازالي، ضم ٿيل ضلعن جي انتظاميه سان ڪوآرڊينيشن، روزمره جي استعمال جي شين جي قيمتن جي ڪڙي نگراني ۽ ان ??ي نتيجي ۾ صوبي ۾ اٽي جي قيمت ۾ واضح گهٽتائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو.