اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) حڪومت جي اتحادي پارٽين ملڪ جي بهتري لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي مڪمل حمايت جو عزم ظاهر ڪندي سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپ??ي چيئرمين جي حوالي سان وزيراعظم جي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي ورجايو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ دفاعي پيداوار واري وف??قي وزير زبيده جلال، قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، هائوسنگ وارو وف??قي وزير طارق بشير چيما، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وف??قي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات وارو وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وف??قي وزي?? اسد عمر پڻ موجود هئا. ملا??ات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ اتحادي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حڪومتي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپ??ي چيئرمين جي حوالي سان وزيراعظم جي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي ورجائيندي ملڪ جي بهتري لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ مڪمل حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو.