اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان يوم پاڪستان جي مناسبت سان شاندار پريڊ جي انعقاد تي ٽنه?? هٿياربند فوج جي منتظمين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان هڪ قوم آهيون، اتحاد ۽ اتفاق سان اڳتي وڌندي قو??ي ترقي ۽ عوامي خوشحالي جي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پريڊ ۾ شريڪ سمورن شرڪت ڪندڙن ۽ دوست ملڪن جي فوجن جي دستن اعليٰ پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو، وزيراعظم چيو ته چئني صوبن ??ميت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ثقافت کي گلدستو بڻائي پيش ڪيو ويو. پريڊ ۾ اسان ج?? هٿياربند فوجن نيوي ۽ فضائيه جي شاندار ڪارڪردگي ۽ پيشيوراڻي مه??رت جي جهلڪ پوري دنيا ڏٺي.