تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي اوڀر آذربائيجان صوبي ۾ 19 مئي تي افسوسناڪ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿين??ڙ صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿين جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي ل??ءِ اسلامي جمهوريه ايران پهتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ ساڻس گڏ آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اسلامي جمهوريه ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي سان ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ع??ام ۽ حڪومت پاران تعزيت پيش ڪئي. مرحوم صدر رئيسي جي اپريل 2024ع ۾ پاڪستان جي تازي دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم پاڪست??ن ايران ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس ساراهه جوڳي ڪردار کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم صدر رئيسي کي هڪ ويزنري اڳواڻ قرار ڏنو جنهن پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ماڻهن جي ل??ءِ خدمت لا??ِ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مسلم??ن امت جي اتحاد ۽ غزه جي گهيري هيٺ آيل ع??ام جي ل??ءِ صدر رئيسي جون خدمتون تاريخ ۾ لکيون وينديون. هن علائقائي امن ۽ ڳالهين جي فروغ ۾ مرحوم پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم قومي سانحي جي هن گهڙيءَ ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي ع??ام س??ن اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن اسلامي جمهوريه ايران جي حڪومت ۽ ع??ام سان دوستي ۽ ڀائيچاري جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.