اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) حڪومت پاران ڳالهين لاءِ ٽيم جي سربراهه پرو??ز خٽڪ چيو آهي ته مخالف ڌر اڳواڻ جمهوريت نه ٿا چاهين پر زبردستي حڪومت ڪيرائڻ چاهين ٿا، هڪ طرف ڳالهين ۽ ٻئي طرف ڪا??ه ڪرڻ جي ڳال??ه ڪن ٿا، وزيراعظم جي استعيفيٰ تي ڪا ڳالهه نه ٿيندي، ان بابت ڪير سوچي به نه، مولانا فضل الرحمان جي بيان تي عدالت سان رجوع ڪنداسين ان حوالي سان اسان جو ڪيس تيار ٿي رهيو آهي، مخالف ڌر جي لاءِ اسان جا دروازا اڃا به کليل آهن، ٽڪراءُ نه ٿا چاهيون پر جيڪڏهن ??جهه غلط ٿيو ته سڀ ذميواري مخالف ڌر تي هوندي، چونڊن ۾ جيڪڏهن ??انڌلي ٿي ته لاڳاپيل ادارن سان رجوع ڪيو وڃي. اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرو??ز خٽڪ چيو ته اجلاس ۾ ڪيترن ئي معاملن تي متفقه ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.