اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته ڪ??تارپور لنگهه کولڻ جو قدم اسلامي اصولن، قائداعظم جي پرامن پاڙيسريت جي تصور ۽ پاڪستان جي بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جي پالي??ي موجب آهي. وزيراعظم ميڊيا هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان تاريخي گورڌوارن جي دستاويزي ڪتاب ٽرائسٽ ود ٽريز جي ليکڪ ۽ ا??وڻي سول سرونٽ ڊي ايس جسپال سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ??يو ته بابا گرو نانڪ جي 550هين جنم ڏڻ جي مو??عي تي ڪرتارپور صاحب لنگهه کولڻ جو تاريخي قدم بابا گرو نانڪ جو نالو کڻندڙن ۽ دنيا خاص طور تي ڀارت ۾ رهندڙ سک برادري جي پراڻي درخواست تي ک??يو ويو.