اسلام آباد – 15 ن??مب?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته ملڪ ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه هج?? سبب ماضي ۾ ترقي نه ڪري سگهيو، پن بجلي بدران مهانگي بجلي جا منصوبا شروع ڪ??ا ويندا رهيا، موجوده حڪومت جي 14 مهينن ۾ معيشت مستحڪم ٿي آهي، رپئي جو قدر مستحڪم ٿي رهيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ترقي ڪري رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي رهيو آهي، بجلي چوري جي روڪٿام سان هڪ سال ۾ 120 ارب رپيا اضافي وصول ڪ??ا ويا آهن، هوا مان بجلي جي پيداوار نه رڳو ماحول دوست پر سستي پڻ هوندي، گلوبل وارمنگ سان پاڪستان متاثر ??ي سگهي ٿو، ان مسئلي تي ڌيان ??يڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ هوا سان بجلي جي پيداوار جي 340 ميگاواٽ جي منصوبن جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.