اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم ج?? اهميت اجاگر ڪندي چيو آهي ته غربت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي اهم آ??ي، دنيا کي درپيش ماحولياتي جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعليم يافته انسانيت جي ضرورت آ??ي، تعليم يافته نوجوان ملڪ، قوم ۽ دنيا جي بهتر انداز ۾ خدمت ڪري سگهن ٿا، نئي?? ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي ملڪ ۾ تعليم ج?? هيٺين سطح تائين فراهمي يقيني بڻائي ويندي آ??ي، والاريل ڪشمير ۾ گذريل پنج مهينن کان اسڪول بند آهن، ڪنهن کي اسڪول جي کلڻ جي ڪا خبر نه آ??ي، ڀارت ۾ مذهب جي نالي تي نفرت پکيڙي پئي وڃي،”علم پاسيبل سمٽ 2019ع“ کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته برٽش ڪائونسل جو اهو پروگرام خوش آئنده آهي.