ڪراچي – پهرين فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل س??ن گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات دوران سنڌ جي لاءِ وف??قي حڪومت جي ترقياتي منصوبن، معيشت ۾ بهتري جي لاءِ کنيل قدمن سميت عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ترجيحي قدمن ۽ گڏيل د??چسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.