اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) وفاق، چئني صوبن بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اطلاعات ۽ نشريات وارن وزيرن ۽ ??رج??انن ڪرونا وائرس کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ، فرنٽ لائن تي خدمتون سرانجام ڏيندڙ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي ڪرونا وائرس کان بچائڻ جي لاءِ حفاظتي ڪٽس جي فراهمي، ڪرونا وائرس بابت خوف ۽ حراس تي ضابطو آڻڻ ۽ فيڪ نيوز جي تدارڪ جي لاءِ صوبائي سطح تي فوري قدم ک??ڻ تي اتفاق ڪيو آهي، قومي رابطا ڪميٽي جي فيصلن کي عام ڪرڻ ۽ ڪرونا جي خاتمي واري مهم لاءِ وفاقي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت 5 ڪروڙ رپين جو خاص فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي اطلاعات واريون وزارتون به ان ۾ پنهنجو حصو وجهنديون، ٻاهرئين ملڪن مان ايندڙ امداد، وزيراعظم رليف پئڪيج، اين ڊي ايم اي امدادي پلان تحت ??مو??ن صوبن کي برابر امداد جي ورڇ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وين??ي. ??زيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جي صدارت ۾ اطلاعات وارن وزيرن ۽ ??رج??انن جي وڊيو ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿي.