اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قوم پنهنجي جانين جي قرباني ڏيندڙ هيلٿ پروفيشنلز جي ٿورائتي آهي، اهي اسان جا هيرو آهن، انهن جي خدمتن جي اعتراف جو هڪ طريقو اهو به آهي ته اسان ايس او پيز تي عمل ڪريون، ماسڪ پايون، هٿ ڌوئون ۽ هر ??ڳه?? سماجي فاصلو رکون. خيبرپختونخوا ۾ ڪووڊ – 19 سبب ڊاڪٽر او??نگزيب ۽ ڊاڪٽر محمد اعظم خان جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ پوئينرن سان افسوس جو اظ??ار ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪووڊ 19 سبب اسان ايوان صدر ۾ اهڙين تقريبن کي ياد ڪندا آهيون جنهن ۾ يتيم، ٿيليسيميا کان متاثر ٻار ۽ انهي طرح معاشري جي ٻين نظرانداز ڪيل طبقي کي ??عوت ڏيندا آهيون.