اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي صاف ۽ سرسبز ??ڻا??ڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پوري قوم ۽ خاص طور تي نوجوانن تي زور ڏنو ته هو وڻڪاري مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن، ٻوٽا لڳائڻ سان گڏوگڏ انهن جي حفاظت تي به خصوصي ڌيان ڏنو ويندو، ان حوالي س??ن نئين نسل وڌيڪ باشعور آهي، قدرتي ماحول جي تحفظ لاءِ سمورن شهرن جا ماسٽر پلان جوڙيا ويندا، عيدالاضحيٰ تي ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو ويندو، ان سلسلي ۾ انتظاميه کي هدايتون جاري ڪي??ن ويون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪهوٽا ۾ مون سون جي وڻڪاري مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪي??.