اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته تمام جلد ملڪي معيشت کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، اها ڳالهه هن اسٽيٽ بئنڪ جي گو??نر رضا باقر سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي اقتصادي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسٽيٽ بئنڪ جي گو??نر اسٽيٽ بئنڪ جي ڪارڪردگي، پرڏيهي ناڻي جي شرح ۾ اضافي ۽ مالياتي اشار?? جي حوالي سان پرڏيهي وزير کي بريفنگ ڏني، پرڏيهي وزير چيو ته ڪورونا عالمي وبا پوري دن??ا جي معيشت کي شديد متاثر ڪيو آهي، ڪورونا جي ڪري پاڪستان جهڙ?? اسرنڊدڙ ملڪ ۽ محدود وسيلا رکندڙ ملڪ معاشي طور تي شديد متاثر ٿيا آهن، ڪورونا عالمي وبائي چئلينج?? جي باوجود پرڏيهي ناڻي جي شرح ۾ اضافو، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو موجوده حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ??هي.