مظفر آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته کيس مڪمل يقين آهي ته ??ندس زندگي ۾ ڪشمير ڀارتي قبضي کان آزاد ٿيندو ۽ پاڪستان کي عروج حاصل ٿيندو، دنيا ڪيستائين واپاري ۽ معاشي مفاد?? جي ڪري ظلمن کان بي خبر رهندي، بالاڪوٽ حملي کانپوءِ پاڪستا?? جي هٿياربند فوج منهن ٽوڙ جواب ڏنو، دنيا جي ڪا طاقت ڪشميرين کي انه?? جي آزادي کان محروم نه ٿي رکي سگهي، دنيا آزاد ڪشمير جي پرامن فضا ۽ و??لاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزي?? جي ڀيٽ ڪري، بالاڪوٽ حملي ۽ ايف 16 جهاز ڪيرائڻ جي ڀارتي ڪوڙ کي دنيا بي نقاب ڪيو. هو ??اد??ار شهداءِ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي پڻ خطاب ڪيو. صدر کي ان موقعي تي ??اد??ار جي ڀرپاسي والاريل ڪشمير جي حالت?? جي عڪاسي ڪندڙ گيلري بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. صدر ??اد??ار شهداءِ تي گل چاڙهيا ۽ فاتحه خواني ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته ??ڄ جي ڏينهن اسان دنيا کي ڀارتي ظلمن کان آگاهه ڪريون ٿا. هي ڊگهي جدوجهد جو داستان آهي. 1846ع ۾ امرتسر معاهدي تحت 75 لک نانڪ شاهي جي عيوض ڪشميرين جو سودو ڪيو ويو. هتي ڪشميري اڄ به آزادي جي جدوجهد ۾ لڳل آهن. هن چيو ته ننڍي کنڊ ۾ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي جدا ملڪ قائم ڪرڻ جي جدوجهد کان اڳ قائداعظم سميت مسلمان اڳواڻ متحده هندستا?? جي حق ۾ هئا پر اتان جون حالتون ڏسڻ کانپوءِ 1930ع کانپوءِ ٻه قومي نظريي جو پرچار شروع ٿيو. به قومي نظريي کي هندستان اڄ به روزانو چئلينج ڪري ٿو ۽ ا?? جي سچائي تي پنهنجي ڪڌن قدمن سان مهر لڳائي ٿو. ڪرناٽڪ ۾ مسلمان شاگردياڻين کي حجاب لاهڻ تي مجبور ڪيو ويو. صدر چيو ته ڀارت جيڪا باهه لڳائي رهيو آهي هو پاڻ ان ۾ سڙي ويندو ۽ ان جو نشان به باقي نه رهندو. هن چيو ته پاڪستا?? جي تاريخ تيستائين اڻ مڪمل آهي جيستائين ڪشمير آزاد نه ٿو ٿئي.